دادو لڳ ڦلجي اسٽيشن واسي پيرسن غلام رسول ميڻو پاران ڀاءُ جي ظلمن خلاف احتجاج

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو لڳ ڦلجي اسٽيشن جو رهواسي پيرسن غلام رسول ميڻو دادو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو ته اسان جي 2000 فوٽ تي جڳهه آهي جنهن جا اسان 6 حصيدار آهيون

 جيڪا جڳهه اسان جي مرحوم چاچي غلام حيدر ميڻو جي نالي سان آهي ان جڳهه تي اسان جو ڀاءَ غلام ياسين ميڻو قبضو ڪري ويٺو آهي اسان مان ڪنهن کي به پنهنجو حصو ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، هن چيو ته مان رهائشي جڳهه مان پنهنجو حصو وٺڻ لاءِ ويس ته منهنجي ڀاءَ غلام ياسين ميڻو ۽ ان جي زال مسمات ڦاپل ميڻو منهنجي مٿان گرم پاڻي هاريو ۽ مون کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو جنهن سبب منهنجي ٻانهن ڀڄي پئي آهي

۽ منهنجو گهر ۾ رکيل سامان به انهن گم ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته مان هڪ سال کان پنهنجو گهر ڇڏي هڪ خانگي اسڪول جي عمارت ۾ عارضي طور ترسيل آهيان مان پاڻ سان ٿيل واقعي جو فرياد ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي

 پر ڦلجي اسٽيشن پوليس حملي آور منهنجي ڀاءُ غلام ياسين ميڻو ۽ سندس زال ڦاپل  وارن کان ڳري رشوت وٺي انهن خلاف ڪا به قانوني ڪاروائي عمل ۾ نه آندي ۽ غلام ياسين ميڻو کي ٿاڻي تان آزاد ڪري ڇڏيو، زخمي متاثر چيو ته منهنجي احتجاج جو آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو نوٽيس وٺي مون سان ٿيل ناانصافي جو ازالو ڪن ۽ مون کي پنهنجي جڳهه مان شرعي حصو ڏياريو وڃي.

جُون 21, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو