نواب شاھ جي علائقي دولت ڪالوني واسين پاران  واپڊا خلاف سڪرنڊ روڊ نواب شاھ تي احتجاجي مظاهرو

Spread the love

نواب شاھ ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) نواب شاھ جي علائقي دولت ڪالوني جي رھواسين واپڊا خلاف سڪرنڊ روڊ نواب شاھ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي

 انھي موقعي تي مظاهرين شهمير ملاح، طارق سمون، اسد ملاح، اقبال ملاح ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ گذريل ٽن ڏينھن کان اسان جي علائقي جو ٽرانسفارمر خراب پيل آھي ھنن چيو تہ اسان واپڊا وارن کي بار بار شڪايتون ڪري چڪا آھيون

 پر افسوس واپڊا وارن جي مٿي تي جوء بہ نٿي چري ھنن چيو تہ لائيٽ نہ ھجڻ ڪري اسان جا ٻچا پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي رھيا آھن اسان تمام مشڪلاتن کي منهن ڏئي رھيا آھيون ھنن چيو تہ اھڙي موتمار گرمي ۾ اسان جي ٻچا بغير لائيٽ جي رھن پيا ھنن مطالبو ڪيو تہ جيستائين اسان جي علائقي جو ٽرانسفارمر نہ لڳايو ويندو تيستائين اسان جو احتجاج جاري رھندو.

جُون 20, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو