سانگهڙ اُٺ جي ٽنگ ڪٽڻ واري معامري تي پ پ صوبائي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامره  پاران پريس ڪانفرنس

Spread the love

سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ۾ اُٺ جي ٽنگ ڪٽڻ واري معامري تي پ پ صوبائي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامره  نيشنل پريس ڪلب سانگهڙ پهتو هن پريس ڪانفرنس دوران صحافين سان ڳالھ ٻولهه ڪندي چيو اٺ جي مصنوعي ٽنگ جي حوالي سان خبرون هلن پيو ته اٺ جي مصنوعي ٽنگ انڊيا مان ڪنهن ڊونيٽ ڪئي آهي

 ان خبر ۾ ڪابه صداقت ناهي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايتن مصنوعي ٽنگ جو بندوبست ڪيو ويو آهي  پيپلز پارٽي مخالف هميشه جيان اٺ تي به پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪري رهيا آهن اٺ ٻن ڏينهن کان جهنگ بي سهارا پيل هو اٺ مالڪ نه ڪنهن لائيو اسٽاڪ جي ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو نه وري پوليس کي اطلاع ڏنو

هن چيو پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت نوٽيس ورتو مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ تڪ چونڊيل ايم اين اي شازيه عطا مري سينٽر قرت العين مري بلاول ڀٽو جي هدايتن تي اٺ کي ڪراچي منتقل ڪرايو جٿي علاج هلندڙ آهي هن چيو بيزبان جانور سان ظلم جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي جوابدارن کي سزا ملڻ گهرجي اٺ واقعي تي شفاف جاچ پڻ هلندڙ آهي ٻن ڏينهن ۾ وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون.

جُون 20, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو