پنوعاقل جي ڳوٺ بشير آباد جي واسي پاران پنهنجي مغيو ٻارڙن جي بازيابي لاءِ احتجاج
سکر (بيورو رپورٽ) پنوعاقل جي ڳوٺ بشير آباد جي رهواسي رسول بخش مهر پنهنجي اغوا ٿيل ٻارڙن جي بازيابي نه ٿيڻ خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته منهنجا ٻه پٽ 8 ورهين جو نعيم،
6 ورهين جو.احسان ۽ ڌيءَ 9 ورهين جي افسانا کي 25 ڏينهن اڳ اڻڄاتل جوابدارن سندس گهر مان اغوا ڪيو هو ۽ انهن جي آزادي لاءِ 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن غريب ۽ مسڪين آھيان ڀنگجي رقم نه ٿو ڏئي سگهان۔هن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي ٻارڙن جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.
جُون 20, 2024