سانگهڙ: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي اٺ کي علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪرايو ويو
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ، مسلم ليگ ن ۽ گورنر سنڌ سستي شهرت حاصل ڪرڻ لا اٺ تي سياست ڪن پيا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي اٺ کي علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪرايو ويو،
اهڙو اظهار پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ميمبر قومي اسيمبلي شازيه عطا مري ٻيراني هاوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، شازيه عطا مري چيو ته اٺ جي وڊيو ڏسي دلي صدمو پهتو منهجي حلقي ۾ هي واقعو ٿيو آهي ان افسوس ناڪ واقعي تي مون انتظاميه کي وڌ کان وڌ هدايت ڪئي، اٺ مالڪ ڪيس داخل نه پئي ڪرايو ان ڪري سرڪار جي مديت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو،
پوليس ڪاروائي ڪندي پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي بيزبان جانور سان زيادتي ناقابل برداشت هئي، پ پ مخالف هاڻ اٺ تي سياست پيا ڪن، جڏهن ته ان موقعي تي شازيه عطا مري سان ٻيراني هاوس تي عيد ملڻ لاءِ تڪ جي عوام پڻ موجود هئي.
جُون 19, 2024