سوشل ميڊيا پوسٽ تي ٻن برادرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، ڪيترائي زخمي ۽ گرفتار

Spread the love

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) صادق آباد ۾ سوشل ميڊيا پوسٽ شيئر ڪرڻ تي ٻن برادرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ فائرنگ ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب صادق آباد جي علائقي جمال دين والي ۾ سوشل ميڊيا تي هڪٻئي خلاف پوسٽون شيئر ڪرڻ تي ماڇي ۽ درگڙا برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن کانپوءِ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ٻنهي ڌرين جا سوين ماڻهو ڏنڊا ۽ هٿيار کڻي آمهون سامهون ٿي ويا ۽ هڪٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني.
فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو، جڏهن ته پوليس ڪيس داخل ڪري 50 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

جُون 19, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو