دادو : ڀٽائي فنڪار اتحاد پاران دادو پريس ڪلب جي ميٽنگ هال ۾ سنڌ جي ناليوارن اداڪارن صدارت ھيٺ ملهائي وئي
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ڀٽائي فنڪار اتحاد دادو پاران دادو پريس ڪلب جي ميٽنگ هال ۾ سنڌ جي ناليوارن اداڪارن حضور بخش گوپانگ، زاهد صديقي سان سرهي سانجھ سيد ولي محمد شاھ جي صدارت ۾ ملهائي وئي، غوث علي جهتيال، ليکڪ محبوب سنڌي، ستار جمالي، سڌير ميرالي، عبداﷲ ملاح ،ڪشف عباس سولنگي، عاشق دادوي، نور ڪنڀر مهمانن ۾ شامل هئا،
ڀٽائي فنڪار اتحاد جي صدر لالا فيروز ڪنڀر چيو ته حضور بخش گوپانگ ۽ زاهد صديقي فني دنيا جا انمول ڪردار آهن ، ليکڪ محبوب سنڌي چيو حضور بخش گوپانگ وڏي ماڻهپي وارو ماڻهو آهي، جنهن کوڙ سارا شاگرد پيدا ڪيا آهن، ڪهاڻيڪار نور ڪنڀر چيو ته زاهد صديقي سنڌي ڊرامن ۾ ڀرپور ڪردار نڀائي وڏو نالو ڪمايو آهي، دادو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري غوث علي جهتيال چيو تہ دادو ادب ۽ فن جي لحاظ کان وڏا نالا پيدا ڪيا آهن،
انهن مان حضور بخش گوپانگ ۽ زاهد صديقي به هڪ آهن، سڌير ميرالي چيو ته ڀٽائي فنڪار اتحاد حضور بخش گوپانگ ۽ زاهد صديقي سان رهاڻ ملهائي زنده دلي جو مثال ڏنو آهي. ستار جمالي چيو ته حضور بخش گوپانگ ۽ زاهد صديقي فن جي دنيا جا اسڪول آف ٿاٽ آهن،
تقريب کي فياض قمبراڻي، خادم ٿهيم، اشرف عطار، نذر کوسو، لالا ستار قريشي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪري صاحب رهاڻ حضور بخش گوپانگ ۽ زاهد صديقي جي فن ۽ زندگي تي روشني وڌي پروگرام ڀٽائي اتحاد پاران فني ۽ سماجي خدمتن عيوض علي گل چنا،نذر کوسو، اياز چانڊيو، ارم عباس سولنگي، رشيد چارڻ ، سيد نثار شاھ ۽ ٻين کي سيد منور شاھ ۽ غلام مصطفي’ شاهين جي نالن سان منسوب ايوارڊ ڏنا ويا.
جُون 19, 2024