ڪشمور: سول اسپتال جو ايندڙ ڪروڙين رپين جو بجٽ ھڙپ، ويزا تي ويل 57 ڊاڪٽر ۽ گوسڙو ملازمن خلاف ڪارروائي
ڪشمور (رپوٽ: طلعت نظير دايو) ڪشمور تعلقي سول اسپتال جو ايندڙ ڪروڙين رپين جو بجٽ ھڙپ، ويزا تي ويل 57 ڊاڪٽر ۽ گوسڙو ملازمن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي ويڪسين نه ٿيڻ ڪري ھڪ وڌيڪ ٻارڙو زندگي جي جنگ هارائي ويو
ڪشمور جي لائين پراڻي واري علائقي ڳوٺ غلام حسين مزاري ۾ ٽن سالن جو نينگر نصيب ﷲ نصيراڻي ارڙي وگهي فوت ٿي ويو علائقي واسين جو چوڻ آهي ته سول اسپتال ڪشمور جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون ڊاڪٽر ڊيوٽي تي موجود نه آهن سول اسپتال لاءِ ڪروڙين رپين جو بجٽ اچي ٿو
جيڪو ھڙپ ڪيو وڃي ٿو ۽ نه ئي ارڙي متاثر ٻارڙن کي ويڪسين ڪئي وڃي ٿي نينگر جي ارڙي وگهي فوت ٿيڻ بعد سندس گهر ۾ ڪھرام متل آهي ٻئي پاسي صحت کاتي ڪشمور جي انتظاميا طرفان ارڙي متاثر ٻارڙن کي حفاظتي ويڪسين لاءِ ڪي به اپاءَ ناھن ورتا
گذريل ڪافي عرصي کان ڪشمور سول اسپتال جا 57 ملازم ويزا تي ويل ھئڻ جي پي پي ايڇ آئي ضلعي مينيجر طرفان نشاندهي ڪرائيندي صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊپٽي ڪمشنر سميت لاڳاپيل اختيارين کي آگاهي ڏني وئي جنهن ۾ 20 ميڊيڪل آفيسرز، ڊبليو ايم او، گائناڪالوجسٽ، ليڊي مڊوائف ايڪسري ٽيڪنيشن ،الٽرسائونڊ اسپيشلسٽ سميت اڪثر عملو ڊيوٽي ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهن.
جُون 16, 2024