سکر : نينگر اصغر علي منڱريو کي اغوا ٿئي 9 سال ٿي ويا سندس بازيابي لاءِ وارثن پاران احتجاج ھلندڙ
سکر(بيورو رپورٽ: ماجد منگي) سکر جي معصوم نينگر اصغر علي منڱريو کي اغوا ٿئي 9 سال ٿي ويا سندس بازيابي لاء وارثن پاران جاري احتجاج کي 257 ڏينهن ٿي ويا پر مغوي نينگر جي بازيابي نه ٿي سگهي سکر پريس ڪلب اڳيان معصوم علي اصغر منڱريو جي بازيابي لاءِ 257 هين حج واري ڏينهن به لڳاتار رات ڏينهن احتجاج جاري رکيو احتجاجي ڪئمپ تي موجود مغوي جو والد زاهد حسين منڱريو سميت اعظم منڱريو ،محمد علي ۽ احمد علي مڱريو جو چوڻ هو ته علي اصغر منڱريو کي 2015 ۾ سکر جي ايوب گيٽ وٽان اغوا ڪيو ويو هو جيڪو اڄ تائين بازياب ناهي ٿيو
جڏھن ته اغوا بعد ڀنگ جي رقم گهرندڙ نامينیت خالد منڱريو ،منظور منڱريو ،سعيد منڱريو ۽ جنيد منڱريو آھن. هاءِ ڪورٽ جي حُڪم سان هوم سيڪيٽري سنڌ GIT جوڙي هئي جن اڍائي سال انڪوائري ڪئي پر مغوي علي اصغر کي 9 سال ٿي ويا آھن.سکر پريس ڪلب ٻاهران 257 هين ڏينهن لاڳيتو احتجاج جاري آھي علي اصغر کي اغوا ٿئي 9 سال گزرڻ باوجود بازياب ناهي ٿيو
جيڪو سراسر ظلم ۽ نا انصافي آھي۔هنن آء جي سنڌ سميت سکر ۾ نئين مقرر ٿيل ڊي آء جي سکر سيد پير محمد شاھ ۽ ايس ايس پي سکر امجد علي شيخ کي اپيل ڪئي آھي ته علي اصغر مڱريو کي آزاد ڪرائي خاندان کي فردن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪرائي وڃي.ٻي صورت ۾ مغوي جي بازياب ٿيڻ تائين پر امن احتجاج جاري رکيو ويندو۔
جُون 16, 2024