سکر: بوائز ڊگري ڪاليج خالد آباد جي پرنسپال پروفيسر جبار ملاح تي ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو
سکر( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ )گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج خالد آباد جي پرنسپال پروفيسر جبار ملاح تي ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف سپلا سکر ريجن جي صدر پروفيسر مشتاق ڦلپوٽو جي اڳواڻيءَ ۾ نوشھرو فيروز پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو آهي
جنھن ۾ وڏي انگ ۾ڪاليجي استادن شرڪت ڪري حملي آور گرفتار ڪريو، پروفيسرن کي تحفظ فراهم ڪريو جھڙا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھنيا آھن ان موقعي تي سپلا اڳواڻن پروفيسر مشتاق ڦلپوٽو، پروفيسر خادم حسين ڏاھري، پروفيسر بيوس بخش علي چانڊيو، پروفيسر الطاف حسين کھڙو، پروفيسر لعل بخش سوھو، پروفيسر عزيز الله ڦل، پروفيسر خليفو افضل ۽ ٻين خيالن جو اظهار ڪندي چيو آھي تہ پروفيسر عبد الجبار ملاح تي ٿيل قاتلاڻي حملي پويان علائقي جا بااثر ماڻھو شامل آھن
اھوئي سبب آھي جو ايف آء آر داخل ٿيل باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نہ ٿي ڪري اڳواڻن چيو آھي تہ تعليم دشمن قوتون جبار ملاح کي ڊيڄاري، ھيسائي خالد آباد ۾ ڊگري ڪاليج جو خاتمو چاھن ٿيون سندن اھڙا ناپاڪ ارادا ڌوڙ ٿي ويندا ڇو تہ سپلا پنھنجي استادن ۽ تعليمي ادارن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻي ٿي سپلا اڳواڻن ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري ۽ سموري انتظاميا جي لاپرواهي جي ڀرپور مذمت ڪندي چيو آھي تہ پروفيسر جبار ملاح تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي
ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي سموري انتظاميا مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي آھي جيڪا ڪنھن بہ صورت ۾ قبول ناھي سپلا اڳواڻن تعليم واري وزير سردار شاھ، ايس ايس پي، ڊي آء جي ۽ آء جي سنڌ کي چتاءُ ڏيندي چيو آھي تہ اگر پروفيسر تي حملي ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار نہ ڪيو ويو تہ سنڌ سطح تي سپلا پاران ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.
جُون 15, 2024