سنڌو درياھ جي پاڻي وهڪرن ۾ چاڙھ کانپوء لاٿ شروع ٿي وئي
سکر (بيورو رپورٽ) سنڌو درياھ جي پاڻي وهڪرن ۾ چاڙھ کانپوء لاٿ شروع ٿي وئي مئي جي آخري هفتي ۾ گڊو بئراج وٽ پاڻي وهڪرو هڪ لک 90 هزار ڪيوسڪ کان کان وڌيڪ هو پر اسڪردو سميت مٿاهين علائقن ۾ برسات وارو سلسلو رڪجڻ ڪري پاڻي ذخيرا گهٽجڻ لڳا تربيلا ڊيم مان روزانو ڏيڍ فوٽ پاڻي کڻڻ سبب تربيلا ڊيم ۾ به پاڻي گهجي ويو ۽ سکر بئراج وٽ به هڪ لک ستر هزار کان وڌيڪ هيو پر برساتون بند ٿيڻ ڪري پاڻي جي آمد گهٽجي وئي آھي
ان ڏس ۾ سکر بئراج ڪنٽرول روم انچارج عبدالعزيز سومرو ٻڌايو ته مئي جي آخري هفتي ۾ مٿاهن علائقن ۾ برساتن وارو سلسلو رڪجڻ ڪري پاڻي جي آمد گهٽجي وئي آھي
پر بلوچستان سميت گڊو ۽ سکر بئراج مان نڪرندڙ سمورن ڪئنالن تي گهرج مطابق پاڻي ڇڏيو ويو آھي جڏهن ته تربيلا ڊيم مان پڻ روزانو سنڌو درياھ ۾ ڏيڍ فوٽ پاڻي ڇڏيو وڃيٿو جنهن سان تربيلا جو پاڻي ذخيرو گهٽجي رهيو آھي پرسارين جي ٻيجاري ۽ ٻين فصلن جي پوکائي لاء گهربل پاڻي آھي۔تربيلا ۾ 15 جون تائين پاڻي ليول 1444.83جڏهن ته گڊو بئراج وٽ مٿاهون وهڪرو 133350ڪيوسڪ هيٺاهون وهڪرو 103985ڪيوسڪ فوٽ ريڪارڊ ڪيو ويو
جڏهن ته سکر بئراج وٽ مٿاهون وهڪرو 96340 ۽ ڊائون اسٽريم 48755جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ اپ اسٽريم 58372ڊائون 17717 ڪيوسڪ فوٽ ريڪارڊ ڪيو ويو۔ ڪالاباغ وٽ اپ 101534 ۽ ڊائون 95024 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو۔
سکر بئراج جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان نڪرندڙ ڪئنالن دادو ڪئنال۔کيرٿر ڪئنال ۽ رائس ڪئنال سميت نارا ڪئنال۔خيرپور ايسٽ ۔ويسٽ ۽ ٻين ڪئنالن ۾ پڻ پاڻي ڇڏيو ويو آھي۔جڏهن ته سنڌو درياھ ۾ پاڻي چاڙھ سبب گڊو ۽ سکر بئراج وچ۾ ڪچي جي سوين ڳوٺن جو زميني رستو ڪٽجي وڃڻ ڪري ٻيڙين تي اچ۔ وڃ جاري آھي۔
جُون 15, 2024