شيعا علماء ڪائونسل سنڌ جي صوبائي صدر پاران ڏوڪري پريس ڪلب جو دورو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري شيعا علماء ڪائونسل سنڌ جي صوبائي صدر پاران ڏوڪري پريس ڪلب جو دورو اسرائیل پاران فلسطيني عوام جي قتلام خلاف، پريا ڪماري جي بازيابي ۽ ٻين معاملن تي پريس ڪانفرنس. شيعا علماء ڪائونسل سنڌ جي صوبائي صدر علام ڊاڪٽر سيد اسد اقبال زيدي ڊويزن صدر ذاڪر حسين ٻگهيو ۽ ضلعي صدر مولانا اصغر جنتي سان گڏجي ڏوڪري پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي آهي.
ان موقعي تي شيعا علماء ڪائونسل سنڌ جي صوبائي صدر علام ڊاڪٽر سيد اسد اقبال زيدي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي تہ فلسطين ۾ اسرائيل جي ناجائزين ۽ بربريت جي جنگ ۽ فلسطيني عوام جي قتلام خلاف مسلم ملڪن کي گڏجي ڀرپور نموني آواز اٿارڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو تہ پريا ڪماري جي وارثن سان مسلسل رابطي ۾ آهيون ۽ اسان هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا وارثن سان رابطو ڪيو آهي،
هن چيو تہ پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ان معاملي تي اڳ بہ آواز اٿاريو آهي ۽ اڳتي بہ ڪنهن بہ قسم جي لاپرواهي قبول نہ ڪئي ويندي. جڏهن تہ سنڌ حڪومت ان معاملي تي سنجيدگي سان عملي قدم کڻي پريا ڪماري جي بازيابي کي ممڪن بڻائي.
محرم الحرام مھيني ۾ سڪيورٽي جي حوالي سان شيعا علماء ڪائونسل پاران سنڌ حڪومت کي لکت ۾ آگاهي ڏني وئي آهي تہ سنڌ ۾ ڪراچي لاڙڪاڻو نوشهروفيروز خيرپور سکر ۽ ٻين ۾ ٻين علائقن ۾ حساس ماحول آهي اتي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن تہ جيئن انهن علائقن ۾ اڻ وڻندڙ واقعا پيش نہ اچي سگھن. هن چيو تہ شيعا علماء ڪائونسل وفاقي توڙي صوبائي سطع تي حڪومتن سان هر طرح جو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
هن چيو تہ گرميءَ ۾ حڪومت طرفان هر هنڌ ٿڌي پاڻيءَ جون سبيلون لڳايون ويون آهن پر جڏهن محرم الحرام جو مهينو اچي ٿو ۽ اسان سبيلون لڳايون ٿا تہ حڪومت ان تي لکت جو جواز ڄاڻائي رهي آهي،
هن چيو تہ سبيل ۽ ٿڌي پاڻي جو ڪنهن مذهب سان تعلق ناهي پر هي خدمت خلق آهي جيڪا اسان سڀني انسانن تي فرض آهي. هن چيو تہ ازاداري عبادت آهي جيڪا مولا امام حسين عليه السلام جي ياد ۾ ڪئي ويندي آهي ان سان ڪنهن کي اعتراض نہ هئڻ گهرجي جڏهن تہ السلام امن ۽ ڀائيچاري جو سبق ڏئي ٿو ان لاءِ هر ماڻهو کي هڪ ٻئي سان امن ۽ ڀائيچاري سان رهڻ گهرجي. جڏهن شيعا علماء ڪائونسل سنڌ جي صوبائي صدر سان صوبائي مشير حاجي منظور جلباڻي، ضلعي خيرپور جو صدر مولانا ظهور حسين روحاني ۽ اڳواڻ گڏ موجود هئا.
جُون 15, 2024