نوابشاهه: مال پڙين کان ٻاھر رستن تي مال متاع وڪرو ڪرڻ تي 10 جولاءِ تائين قلم 144 تحت پابندي لاڳو
نوابشاهه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محمد سجاد حيدر ھڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ضلع شھيد بينظيرآباد جي شھري علائقن ۾ مال پڙين کان ٻاھر رستن تي مال متاع وڪرو ڪرڻ تي 10 جولاءِ تائين قلم 144 تحت پابندي لاڳو ڪئي آھي
ان سلسلي ۾ حد جي ايس اڇ اوز کي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سيڪشن 188 پي پي سي تحت ڪاروائي ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آھي ياد رھي ته ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد شهريارگل ميمڻ پاران عوامي شڪايتن ۽ امن امان جي صورتحال سبب موڪليل سفارشن تحت ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن پاران پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
جُون 13, 2024