دادو: ميونسپل ايمپلائيز يونين پاران  رٽائرڊ ملازمن کي رهيل مراعتون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

Spread the love

دادو(ڊ-ر) دادو ۾ ميونسپل ايمپلائيز يونين پاران گذريل 3 مهينن کان رٽائرڊ ملازمن کي رهيل مراعتون نه ملڻ خلاف يونين اڳواڻن رٽائرڊ ملازمن دادو ميونسپل ڪاميٽي جي گيٽ آڏو هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ميونسپل انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،

ان موقعي تي صدر غلام مرتضي ڀنڊ، زمان الله پنهور، حاجي منظور سولنگي، شاهد شيخ، ياسين سيال ۽ ٻين چيو ته گذريل 3 مهينن کان اسان دادو ميونسپل ڪاميٽي آفيس جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون

پر اسان کي رٽائرمينٽ جون مراعتون نه مليون آهن، اسان سڄي زندگي دادو ميونسپل ڪاميٽي ۾ ملازمت ڪئي آهي هاڻي پنهنجي رٽائرڊ مينٽ ڪرڻ بعد اسان کي رولايو پيو وڃي، هنن چيو ته جنهن وقت تائين رٽائرڊ ملازمن ۽ ريگيولر ملازمن جو رهتون نه ڏنيون ويندو احتجاج جاري رهندو، ملازمن کي حق نه ڏنا ويا ته عيد واري ڏينهن دادو ميونسپل جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويندو،

جُون 13, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو