ٺاروشاھ : واپڊا جي معذور ملازم اعجاز ميمڻ جي گهر مان چور ڏهه لک ڪيش ، سولر پليٽ ۽ ٻيو سامان کڻي فرار

Spread the love

ٺاروشاھ (رپورٽ: اسد سولنگي) ٺاروشاھ ۾ واپڊا جي معذور ملازم اعجاز ميمڻ جي گهر مان نامعلوم چور ڏهه لک ڪيش ۽ سولر پليٽ ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا معذور ملازم جو ٻچڙن سميت احتجاج چوري واپس ڪرائڻ جو مطالبو ٺاروشاه جي وارڊ نمبر 8 جي رهواسي اعجاز ميمڻ نويد گڏو ميمڻ ۽ ٻين احتجاج ڪنـدي چيو تـ اسانجي عزيزن جي فوتگي ٿي وئي

ھئي جنهن لاء  گهر جا ڀاتي جنازي نماز ۽ تعذيت لاء ويا ھئاسين تـ پويان گھر خالي ڏسي چور گھر ۾ پيل رقم ۽ سامان ٻھاري ويا معذور ملازم دانھيندي ٻڌايو ته مان 6 لک بئنڪ مان لون ۽ 4 لک ويسين جا پيسا هئا جنهن مان ٻچڙن لاء گھر وٺي رھيو ھئس پر اها رقم نامعلو ۾چور چورائي ويا آھن

 ھنن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو تـ فوري طوري ٿيل چوري واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي نـ تـ ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو ـ

جُون 12, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو