معصوم سليمان راجپر جو موت ٽائون انتظاميا جي لاپرواهيءَ سبب ٿيو آهي: قاسم سومرو
سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) عظيم ڪالوني سڪرنڊ ۾ کليل مين هول ۾ ڪري فوت ٿي ويل معصوم ٻارڙي سليمان راجپر جي بي وقتائتي موت جي ذميوار ٽائون انتظاميا آهي. گٽر ناليون اوور فلو ٿي گهٽين ۾ وهي رهيون آهن.
شهر گندگيءَ جو ڍير بڻيل آهي. مين هولن جا منهن کليا پيا آهن جيڪي معصوم ٻارن جي زندگين کي ڪنهن راڪاس جيان ڳڙڪائي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظھار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سڪرنڊ جا اڳواڻ پارٽيءَ پاران ٽائون ڪميٽيءَ جي گيٽ اڳيان لڳل ڌرڻي ۾ ڪري رهيا هئا.
ايس يو پي سٽي سڪرنڊ جي صدر قاسم سومرو، بچل ڏھيو، علي سومرو، وسيم ڪيريو، پرويز گبول، سلمان ملاح، محمد علي جلباڻي، جمن شاه ۽ ٻين چيو ته معصوم سليمان راجپر جو موت ٽائون انتظاميا جي لاپرواهيءَ سبب ٿيو آهي. هنن چيو ته ڪروڙين رپين جي بجيٽ مان صرف پنهنجا کيسا ڀري، عوام کي نڌڻڪو ڪيو ويو آهي. سڪرنڊ شهر جون گهٽيون ۽ رستا پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن،
پر انتظاميا ڪجھ به ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته معصوم سليمان راڄپر جي ڏکوئيندڙ موت تي دلي صدمو پهتو آهي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته انتظاميا جي لاپرواهيءَ جو نوٽيس وٺي سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. احتجاج ۾ شريڪ سوين ماڻھو ٽائون انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا.
جُون 12, 2024