ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ ڦر دوران مزاحمت تي دڪاندار قتل

Spread the love

ملير (رپورٽر) ملير جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ ڦر دوران مزاحمت تي دڪاندار کي قتل ڪيو ويو.
شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي حد حمل ڳوٺ ۾ هٿياربندن کير جي دڪان تان ڦر جي ڪوشش ڪئي،

ان دوران مزاحمت تي هٿياربندن گوليون هڻي دڪاندار کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ واردات بعد ڦورو فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.
علائقي واسين موجب سومر ڏينهن صبح جو ساڍي ستين وڳي کير جي دڪاندار باقر علي کان ڦر جي ڪوشش ڪئي وئي، مزاحمت تي هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ دڪاندار سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو.

جُون 10, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو