ڪاڇي ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

Spread the love

جوهي (رپورٽر) ڪاڇي جي قصبو ٿاڻي جي حد ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.
ڳوٺ جمع لغاري ۾ ڪُرڪلي لغاري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو،

جهيڙي دوران ڌُرين هڪٻئي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ سبب هڪ ڌُر جو حاڪم عرف ٻوڙو لغاري گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويو.
اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي ۽ ڌُرين ۾ فائرنگ جاري هجڻ سبب وڌيڪ رتوڇاڻ جو خدشو آهي.

جُون 10, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو