ڏوڪري:  ساس پاران شاھ لطيف ڀٽائيءَ جي شاعري جي شارح مظفر منگيءَ جي ٻين ورسي جي تقريب منعقد

Spread the love

ڏوڪري  (رپورٽر)  گذريل ڏينهن سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ پاران شاعر، ليکڪ، نقاد ۽ شاھ لطيف ڀٽائيءَ جي شاعري جي شارح مظفر منگيءَ جي ٻين ورسي جي تقريب ڪئي وئي، جنهن جي صدارت خاڪا نويس ۽ لطيف جي عاشق اقرار پيرزادي ڪئي.

ان موقعي تي ورسي تقريب ۾ مظفر منگيءَ جي شخصيت ۽ ڪيل ادبي ڪم تي ڳالهائيندي علي بخش پٺاڻ، آزاد جروار، قربان جتوئي، جي ايم سيد جويي، قربان جتوئي منير سومري ۽ ٻين چيو ته مظفر منگي سموري عمر اصولن تي هلندي گذاري ۽ وطن ۽ لطيف سندس زندگيءَ جي مکيه مهور رهيا. هنن چيو ته مظفر منگيءَ سموري زندگي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن سان پيار ڪيو،

 ايتري قدر جو مرڻ گهڙيءَ وقت به اديبن جي وفد سان ملاقات وقت سندس وات مان پنهنجي تڪليف جي اظهار بدران سنڌ ڌرتيءَ جي آجپي، کنڀي گم ڪيل وطن پرستن جي آزادي ۽ ٻوليءَ سان پيار جي اظهار جا لفظ هيا ۽ اهڙو عمل اهو ئي شخص ڪري سگهي ٿو

جنهن ڀٽائيءَ کي من شان پڙهيو هجي. ان موقعي تي تقريب جي صدارت ڪندڙ اقرار پيرزادي مظفر منگيءَ بابت ڳالھائيندي چيو ته مظفر منگيءَ ڀٽائيءَ جو عاشق هئڻ سان گڏ هڪ سچو وطن پرست شخص هيو

 جنهن جي هر لکڻي توڙي ڀٽائيءَ جي شاعري تي ڪيل تحقيقي ڪم مان سنڌ ڌرتيءَ سان پيار نظر اچي ٿو. هن چيو ته ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي ڪيل سندس تحقيقي ڪم بيحد انوکو آهي جيڪو هن وقت ڪير نه ڪري سگهيو آهي، جڏهن ته سندس اهو تحقيقي ڪم سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمز تي بيحد پسند ڪيو ويو ۽ عوامي پذيرائي حاصل ڪري چڪو آهي ان ڪري اهڙي منفرد ۽ تحقيقي ڪم جو ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ بيحد ضروري آهي.

جُون 9, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو