سکر : حسيني روڊ ۽ ورڪشاپ روڊ تي پارڪنگ سبب ٽريفڪ جام معمول بڻيل، شھري پريشان
سکر (رپورٽ. امداد علي گل ڪلوڙ) سکر جي مصروف روڊن تي موٽرسائيڪلن جي پارڪنگ، عوم آزار ۾ اچي ويو گهنٽاگهر، حسيني روڊ، ورڪشاپ روڊ تي پارڪنگ سبب ٽريفڪ جام معمول بڻجي ويو آهي،
بدانتظامي ۽ غلط پلاننگ جي هزارين موٽرسائيڪلون پارڪ ڪيون پيون وڃن جنهن سبب شهرين توڙي ٻاهران ايندڙن کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن روڊن تي ٽريفڪ جي رواني ۾ خلل پيدا ٿيڻ سبب ڊپٽي ميئر سکر ارشد مغل گهنٽاگهر ۽ حسيني روڊ تي گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جي پارڪنگ فوري طور بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيوآھي جنهن ڪري سڄو ڏينهن ۽ رات دير تائين روڊن تي ٽريفڪ بند ٿيڻ معمول بڻيل آھي
موٽرسائيڪلن جي هر روڊ تي غلط پارڪنگ شهرين کي تڪليفن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي گاڏين جي غلط پارڪنگ سبب روڊن تي حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن سکر واسين ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته روڊن تي پارڪنگ بند ڪري عوام کي پريشانين کان بچايو وڃي.
جُون 9, 2024