ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ تڪڙي بنيادن تي قدم کڻڻ گهرجن: اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سيپا

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ) ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي واري کاتي جي صوبائي وزير  دوست محمد راهمون، سيڪريٽري نبيله عمر، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ انوائرمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي نعيم احمد مغل ۽ ريجنل انچارج آر او ايس اجمل خان  جي خاص هدايتن تي ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي سکر پاران گورنمينٽ  گرلز ڪريما غلام محمد ماڪا هائير سيڪنڊري اسڪول سکر ۾ مختلف مقامي نسلن جي ڇانوَ ۽ ميوو ڏيندڙ وڻ پوکي ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو.

ان موقعي تي  اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انيل ڪمار، پرنسپال ام ڪلثوم، سکر بيوريجز لميٽيڊ جي وقار حسين, سيپا ريجنل آفيس سکر جي ٽيم ۽ ٻين شرڪت ڪري ايندڙ نسلن لاءِ بهترين ماحول پيدا ڪرڻ جو عزم پڻ ڪيو ويو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سيپا سکر ڲالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ ماحولياتي گدلاڻ، خاص ڪري سنڌ ۾ تيزي سان وڌي ٿي رهي آهي. وڌندڙ آبادي، ڪارخانن جو گندو پاڻي، پلاسٽڪ جو گهڻو استعمال ۽ ٻيلن جي ڪٽائي ماحول تي خراب اثر پيدا ڪري رهي آهي.

ھن وڌيڪ چيو ته ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ تڪڙي بنيادن تي قدم کڻڻ گهرجن، جن ۾ وڻ پوکڻ، ماحولياتي قانونن تي عمل ڪرڻ، سولر ۽ ونڊ پاور ذريعي بجليءَ پيدا ڪرڻ ۽ جهٽ ڳرندڙ پلاسٽڪ جو استعمال شامل آهي. ان موقعي تي سيپا سکر پاران عوام کي وڌ کان وڌ وڻ ۽ ٻوٽا پوکڻ, انهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان پڻ آگاهي ڏني وئي.

جُون 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو