باڊھه: مانجھند لڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان جو مڪمل علاج نه ٿي سگھيو

Spread the love

باڊھه(رپورٽر) مانجھند لڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل باڊھه واسي نوجوان جو مڪمل علاج نه ٿي سگھيو، باڊھه کان ڪراچي ويندي مسافر ڪوچ سان پيش آيل روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل 16 سالن جو صداقت علي سانڀل ھن وقت تائين ھلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻيل آھي،

جڏھن ته غربت سبب نوجوان ھن وقت تائين پنھنجو مڪمل علاج نه ڪرائي سگھيو آھي، سنڌ حڪومت توڙي تڪ جي چونڊيل نمائيندن زخمي نوجوان جي ڪابه سار نه لڌي آھي، جنھن سبب نوجوان پنھنجو مڪمل علاج ڪرائڻ کان به قاصر آھي،زخمي نوجوان صداقت سانڀل جي ڀاء افضل سانڀل ميڊيا کي ٻڌايو ته باڊھه کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ سان مانجھند لڳ پيش آيل خوفناڪ حادثي ۾ منھنجي ڀاء جي ٽنگ ڀڃي پئي ۽ پير پڻ ڪٽجي ويو آھي، جنھن کي ٿڏي تي حيدرآباد ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو ھو، جتي ھڪ ڏينھن داخل ڪرڻ بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽراما سينٽر ڪراچي ريفر ڪيو ويو ھو،

 جتي 22 ڏينھن علاج ٿيڻ کانپوء اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو پر منھنجي ڀاء جا زخمي ھينئر تائين نه ڀرجي سگھيا آھن، نوجوان گھمڻ ڦرڻ کان لاچار آھي، 50 ڏينھن کان ھڪ کٽ تي پيل آھي،

 سنڌ حڪومت، چونڊيل نمائيندن توڙي پ پ پ سٽي باڊھه جي صدر ڪابه سار نه لڌي آھي نه ئي وري لڙي اچي عيادت ڪئي آھي، ھن وڌيڪ چيو ته زخمي ٿيل ڀاء کي ٽي ڀيرا لاڙڪاڻي ۾ پرائيوٽ اسپتال ۾ ڊاڪٽر کي ڏيکاري علاج ڪرايو آھي، جنھن دوران تقريبن اسانجا دوائن، ٽيسٽن ۽ علاج تي 60 ھزار کان وڌيڪ خرچ ٿي چڪا آھن، غريب ھجڻ ڪري مڪمل علاج ڪرائڻ لاء پريشان آھيون، ھن سنڌ حڪومت، چونڊيل نمائيندن ۽ باڊھه ٽائون چيئرمين کان مطالبو ڪيو ته منھنجي ڀاء جي علاج ۾ اسانجي مالي مدد ڪئي وڃي.

جُون 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو