دادو: روڊ حادثي ۾ ڳوٺاڻو فوت

Spread the love

دادو (ويب ڊيسڪ) دادو جي ڪاڇي واري علائقي ۾ روڊ حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.درگاهه مست ڪيھر شاھه لڳ ڳوٺ راڄو ديرو جا رھواسي معشوق علي چانڊيو ۽ محرم چانڊيو موٽر سائيڪل تي سوار هئا ته تيز رفتاري سبب موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ جي ڪري ٻئي زخمي ٿي پيا.ٻنهي زخمين کي ڳوٺاڻن ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو پهچايو، جتي محرم چانڊيو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتي جو مڙهه اباڻي ڳوٺ راڄو ديرو پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

جُون 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو