جيل ۾ عمران کي منشيات فراهم ٿيڻ جو خدشو

Spread the love

لاهور(ويب ڊيسل) اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي منشيات فراهم ٿيڻ جو خدشو آهي، بشريٰ بي بي جيل ۾ بيمار ٿي وئي، هوءَ هلڻ ڦرڻ کان به لاچار ٿي وئي آهي،

عمران خان جو جيل ۾ سهولتون نه ملڻ جو بيان به ڪوڙو ثابت ٿي چڪو آهي، حڪومت کيس جيل ۾ ملندڙ سهولتن بابت تصويرون جاري پول وائکو ڪري ڇڏيو،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾نعيم پنجوٿا عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ تي پٽيشن داخل ڪرائي،

سرڪاري وڪيل عدالت ۾ جواب داخل ڪرايو ته عمران خان سان ملاقات لاءِ ايندڙن لاءِ وچ ۾ شيشو ان ڪري لڳايو وڃي ٿو ڇو ته منشيات جيل اندر سپلاءِ ٿيڻ جو خدشو آهي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان لاءِ جيل ۾ ملاقات لاءِ مختص ڪمري جون تصويرون ۽ مڪمل رپورٽ طلب ڪري ورتي.

جُون 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو