ڪنگنا رناوت کي ايئرپورٽ تي سيڪورٽي اهلڪار چماٽ وهائي ڇڏي
بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت کي ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي اهلڪار چماٽ وهائي ڪڍي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ ۾چيو ويو آهي ته نئين چونڊيل پارليامينٽ ۽ اداڪارا ڪنگنا رناوت کي چندي ڳڙهه ايئرپورٽ تي سينٽرل انڊسٽريل سيڪورٽي فورس جي عورت ڪانسٽيبل مبينا طور تي هارين جي بي عزتي ڪرڻ تي چماٽ وهائي ڪڍي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪنگنا رناوت نئين دهلي لاءِ فلائٽ ۾ سوال ٿيڻ واري هئي ته اهو واقعو پيش آيو.
واضح رهي ته ڪنگنا رناوت رياست هما پرديش ۾ پنهنجي آباڻي علائقي مندي مان چونڊ وڙهڻ لاءِ بيٺل هئي.
اداڪارا ڪانگريس ميمبر وڪرمادتيا سنگهه کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي
