ميونسپل ڪاميٽي ۾ ڪروڙرين روپيا بجيٽ ۽ لکين روپيا ماهوار ٺيڪو اچڻ باوجود به سڄو شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي: رضوان علي جماڻي

Spread the love

مورو  (رپورٽ: انيس ڪورائي) مورو جو صحافي رضوان علي جماڻي مورو شهر جي ادارن م ٿيندڙ ڪروڙين روپين جي ڪرپش ڪندڙن کي وائکو ڪندي ٻڌايو تھ مورو ميونسپل ڪاميٽي م ڪروڙرين روپيا بجيٽ ۽ لکين روپيا ماهوار ٺيڪو اچڻ جي باوجود به سڄو مورو شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي ۔۔۔۔۔

هر وارڊ م گندگي جا ڊير جماء ٿيل آهن جڏهن ته  قدمي درگاه خليفو سائين جي قبرستان جي ڀر م  سرڪاري کڏ ميل آهي جنهن تي مورو ميونسپل ڪاميٽي  سڄي مورو  شهر جو گند ڪچرو گاڏيون ڀري کڻائي  مقام کي مليل پلاٽ تي اڇلايو پيو وڃي جيڪو آئيني غيرقانون عمل آهي ۽ هن ئي گند ڪچري کي ڪجه بٺا مافيا اٺ گاڏن تي  کڻائي وڃي چمليون ٻارين ٿا پسگردائي جي گهرن م ڳوراهين عورتن کي ساه جي تڪليف ٿئي ٿي ڪيترايون ڳورهايون عورتون بزرگ دم جا مريض هي جهان ڇڏي چڪا آهن جڏهن ته قبضا مافيا به مقام کي مليل سرڪاري پلاٽ جي قبضي جي چڪر م  سرگرم ٿي ويا آهن

 تنهن ڪري ضلعي انتظاميه نيب ايف آء اي اين ٽي ڪرپشن توڙي ٻين وس وارن ادارن کي شهرين جي اپيل آهي فورن مورو ميونسپل ڪاميٽي م آيل ڪروڙين روپيا بجيٽ لکين روپيا ماهوار ٺيڪي بابت ۽ بٺا مافيا قبضا مافيا خلاف سخت اڪارروائي ڪندي نڪوائري  ڪئي ويندي  ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا ڪيترائي راز ڦاش ٿي پوندا وڏا وڏا ڦاٽ ڦاٽندا ٻي صورت م  ايڪشن نه کيون وي مورو جي سول سوسائئيٽي جا  شهري احتجاجي تحريڪ هلائيندا  جنهن جي زميوار انتظاميه هوندي شهرين جو چتاء.

جُون 7, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو