ڪراچي: ورڪس اينڊ سروس اينڊ جيل واري صوبائي وزير علي حسن زرداري سان ترقياتي منصوبن بابت اجلاس
ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو ) ورڪس اينڊ سروس اينڊ جيل واري صوبائي وزير علي حسن زرداري سان ڪراچي جي ترقياتي منصوبن بابت اجلاس، صوبائي وزير علي حسن زرداري ڪراچي ۾ تعمير هيٺ منصوبن جي صلاحڪارن سان ملاقات ڪئي، صوبائي وزير سپر هاءِ وي رزاق آباد جي آفيسرن سان ملاقات ڪئي. ڪراچي ۾ 240 بسترن تي ٻڌل ميڊيڪل ڪمپليڪس جو معائنو ڪيو،
ان موقعي تي صوبائي وزير علي حسن زرداري چيو ته صدر آصف علي زرداري هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ تعمير هيٺ منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تعمير هيٺ سمورن منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي،
ورڪس اينڊ سروس کاتي جا عملدار ۽ ٺيڪيدار سمورا منصوبا وقت تي مڪمل ڪن، ٻي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي.صوبائي وزير علي حسن زرداري جو اعلان.
جُون 7, 2024