ڪراچي : سنڌ جي ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل واري صوبائي وزير صدارت هيٺ اجلاس منعقد
ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو ) سنڌ جي ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل واري صوبائي وزير علي حسن زرداري جي صدارت هيٺ صوبي خاص ڪري ڪراچي جي ڪانٽريڪٽرن سان اجلاس ٿيو،
اجلاس ۾ هن هدايت ڪئي ته ترقياتي ڪم وقت تي مڪمل ڪيا وڃن، سمورن سرڪاري عمارتن جو ڪم فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي. ورڪس اينڊ سروسز واري وزير علي حسن زرداري جون ڪانٽريڪٽرن کي هدايتون، اجلاس کان پوءِ ورڪس اينڊ سروسز واري وزير علي حسن زرداري جو لياري جي محترمه شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج جو دورو،
صوبائي وزير لياري ميڊيڪل يونيورسٽي جي استادن ۽ اسٽاف جي فليٽن جي هلندڙ ڪم جو معائنو ڪيو. ورڪس اينڊ سروسز واري وزير علي حسن زرداري کي فليٽن جي تعمير بابت بريفنگ ڏني وئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي ورڪس اينڊ سروسز واري صوبائي وزير علي حسن زرداري چيو ته جيڪي ترقياتي ڪم رنڊڪ آهن آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن انهن کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبي جي ترقي چاهي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت ترقياتي ڪمن جي بروقت مڪمل ٿيڻ سان صوبي ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو. پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت صوبي ۾ ميگا پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي.
جُون 6, 2024