ڪراچي: جمالي پل واسي محمد اجمل لغاري پاران ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف احتجاجي مظاهرو
ڪراچي اوڀر(رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي جمالي پل جي رهواسي محمد اجمل لغاري ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت محمدد اجمل لغاري صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته بااثر زاهد کوسو ولد غلام حسين 3 لک رپين جا جهولا کڻي ويو هو،
جيڪو مختلف وقتن تي احتجاج ڪرڻ ۽ پوليس کي درخواستون ڏيڻ بعد گهوٽڪي پوليس برآمد ڪرائي ڏنا آهن، جنهن بعد مسلسل بااثر ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪالهه به 2 کان 3 ماڻهو در تي اچي ڌمڪيون ڏئي ويا آهن، هن ايس ايس پي اوڀر ۽ ٻين وس وارن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
جُون 6, 2024