سڪرنڊ: شهيد صحافي نصر الله گڏاڻيءَ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ نيشنل پريس ڪلب پاران احتجاجي ريلي
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) شهيد صحافي نصر الله گڏاڻيءَ جي ناحق خون سان انصاف ۽ قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ نيشنل پريس ڪلب پاران چانڊيا پئٽرول پمپ کان قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
ان موقعي تي منظور ٻگهيو، غلام قادر چانڊيو، سنڌ عوامي سٿ جي چيئرمين مهر ڊٻائي، جي ڊبليو سي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار خاصخيلي سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڀرپور شرڪت ڪئي. ريليءَ کي خطاب ڪندي مٿين اڳواڻن چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي سچ جي علم کي سربلند رکڻ لاءِ سر قربان ڪري ڇڏيو. هو اهو بهادر صحافي هو،
جنهن وقت جي جابرن کي للڪاريو. هنن چيو ته نصرالله گڏاڻيءَ جو ناحق قتل ضرور رنگ لائيندو ۽ سندس شهادت سنڌ جي تقدير بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته شهيد صحافين نصرالله، شهيد جان محمد مهر، شهيد عزيز ميمڻ، شهيد اجي لالواڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ واڙيو وڃي.
جُون 6, 2024