پاڻي ۽ ٻين وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ

Spread the love

ذوالفقار ھاليپوٽو

 آھي: “ڪيا حال سناوان دل دا، ڪوئي محرم راز نئي ملدا”. گذريل ٽيھ سال سنڌ، پاڪستان يا عالمي ڏيولپمينٽ سيڪٽر ۾ ڪم ڪندي سنڌ ڌرتي يا ان تي رھنڌڙ مخلوق جي نالي تي ايترا لقاءِ ڏٺا آھن، جو ھاڻي سياسي نعرن جي بنياد تي ٿيندڙ ترقياتي پراجيڪٽن تان دل ئي کجي وئي آھي.  اھا ڳالھ ياد رکجو، جڏھن به غلط نيتن جي بنياد تي سياسي تحرڪ وٺي براجيڪٽ جوڙيا ويندا، انھن مان لاڀ رڳو پراجيڪٽ ھلائڻ وارا کڻندا، يا انھن جا بالا انتظامي ڪامورا يا وري سياسي آقا کڻندا. عوام کي ڪجھ به نه ملندو. رڳو خواب ۽ سراب، ملڪ وري اقتصادي بحران ۾. اوھان ڪجھ نه ڪريو، رڳو انٽرنيٽ تان پي ايس ڊي پي يا اي ڊي پي جون گذريل ڏھن سالن جون رپورٽون ڪڍو. انھن ۾ ڏنل ڪنھن به پراجيڪٽ کي ڏسي وٺو، ڪيترا سال مسلسل ھلايو ويو آھي، وري ان جا اشاريا يا اهڃاڻ چيڪ ڪري وٺو، ته پراجيڪٽ ڊيزائن ڪھڙي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٿيو ھو. ان وقت انڊيڪٽر ڇا ھئا ۽ ھاڻي ڇا آھن. اھا ڪا ايتري وڏي سائنس ناھي، تمام سولو ڪم آھي. مون کي پاڪستان جو جگ مشھور سماجي محقق ۽ اربن پلانر عارف حسن جو اھو سبق ڪڏھن ناھي وسرندو ته اھو ته خلق کي سڀن کان وڌيڪ خبر ھوندي آھي ته انھن جا مسئلا ڇا آھن ۽ انھن کي حل ڪئين ڪجي. اھو اوھان ڪيئن ٿا ڊڪٽيٽ ڪري سگھو. اسان ڳرا قرض يا ترقياتي بجٽ خرچ ڪري ائين حل ڪنداسين.

تازو ھڪڙي انگريزي اخبار مان سنڌ جي آبپاشي محڪمي جي حوالي سان رپورٽ ٿيو آھي ته ھڪڙي عالمي ترقياتي اداري سان گڏجي سنڌ جي ڊيلٽائي علائقن ۾ ھڪڙو وڏو پراجيڪٽ شروع ڪرڻ وارا آھن. شروع ۾ دل کي ٿوري راحت محسوس ٿي، پر خبر وري پڙھڻ کانپوءِ سمجھ ۾ ڪونه آيو ته 180 ملين ڊالر جو قرض وٺي، ڊيلٽائي علائقن ۾ روڊ، ڊرينون ۽ ٻيلا بحال ڪرڻ واري پراجيڪٽ مان سنڌ ڪھڙو لاڀ حاصل ڪندي. جڏھن اسان وٽ روڊ، آبپاشي ۽ ٻيلن جا کاتا اڳ ئي موجود آھن ۽ اھو ڪو غيرمعمولي سطح جو ڪو جديد پراجيڪٽ به ڪونھي پر معمول جو ڪم آھي، جنھن جي لاءِ انھن ادارن وٽ بجيٽ به ھوندي آھي ۽ ساليانو وفاقي ۽ صوبائي ترقياتي بجيٽ جو رستو به ھوندو آھي. پوءِ ھن ڪم جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ منھجي علم ۾ آھي ته سنڌ جا اھي کاتا مڪمل فعال به آھن. جنھن ۾ فاريسٽ وارن ته انھن علائقن ۾ انقلابي ڪم ڪيا آھن. پوءِ ائين ڇو پيو ٿئي؟

شايد ھاڻي اسين ادارتي يادداشت جي بدترين دور مان گذري رھيا آھيون، جتي ڪنھن کي ماضي يا تحقيقاتي سائنس جي ڪا خبر ناھي، رڳو ھوائي ڳالھين تي پراجيڪٽ جوڙيو، منسٽرن، سيڪريٽرين ۽ پراجيڪٽي ڪامورن لاءِ مھانگيون گاڏيون رکيو، ڪنسلٽنٽ ڪمپنيون جنھن ۾ ھاڻي ڪامورن جون حصي داريون ھونديون آھن، انھن کي ٺيڪا ڏئي جڙتو اسٽڊيز ڪرائي پراجيڪٽ منظور ڪرائي وٺون.

انڊس ڏيلٽا جي لاءِ تاريخي ڪم ڪوٽڙي بيراج جي تعمير ۽ ھن جي ڪمانڊ ايريا کي باقاعدہ زرعي زمين ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سرفيس ڊرينز جو ڪم ھو، جيڪو 1959 ۾ ٿيو ھو. اھي سرفيس ڊرينز ھيون، جنھن دريا کي ٻنھي بندن جي وچ ۾ قيد ٿيڻ کانپوءِ سنڌو ڊيلٽا کي نئين زندگي ڏني ھئي. ڇو جو سارين جي آبپاشي نظام جو نيڪال انھن ڊرينز ذريعي ٿيندو ھو. اھو پاڻي ڊيلٽا جي مختلف ڪريڪن ۾ نڪرندو ھو، ڪئين ھنڌن تي نيڪال واري ھنڌ قدرتي لائيون يا ڍنڍون ھونديون، جنھن مان اعليٰ ڪوالٽي جي مڇي ۽ جھينگو پڪڙي ايڪسپورٽ ڪيو ويندو ھو. پوءِ ڇا ٿيو، اھو ئي سوال آھي، جنھن جو ڪو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناھي. اسين بس اھو سمجھيو ويٺا آھيون ته قرض کڻي وڏا پراجيڪٽ ڪرڻ سان سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. منھنجي سنڌ جي انھن علائقن ۾ چلت ڦرت ۾ ھڪڙي ڳالھ ته تمام واضح آھي ته تاريخي طور تي انھن علائقن ۾ وڏو فصل رڳو سارين جو ھوندو هو، ربيع ۾ انھيءَ تي ٿوري گھڻي ڪڻڪ به ٿي ويندي ھئي. پر جيئين زمينون صاف ٿينديون ويون ۽ پاڻي جي ورچ غير منصفاڻي ٿيندي وئي، تيئن خشڪ فصلن جو رواج پيو، جنھن ۾ ڪمند ٽاپ تي آھي. ان عمل جو نتيجو اھو نڪتو ته ڊيلٽا ۾ نيڪال گھٽ ٿيندو ويو. ٻيو وري شگر ملون لگيون، جنھن جي ڪاري پاڻي جي نيڪال لاءِ به اھي ڊرينون استعمال ٿيون ۽ ڊيلٽائي علائقن جو ڪم پورو ٿي ويو. معنا پھريان منڍ ۾ پاڻي چوري جي ڪري پوڇڙ واريون زمينون سڪيون. انھن تي ڪلر چڙھندو ويو. ڊرينن جو نيڪال گھٽيو، ٽائڊل پلين ۾ سمنڊ زور ورتو ۽ آخري نقصان شگر ملن جي ڪاري پاڻي ڪيو جو ماھي گيري جي صنعت به تباھ ٿي. هڪ نيوز رپورٽ ۾ اھو به لکيل آھي ته انڊس ڊيلٽا جي نئين سروي ڊيزائن ۽ پلاننگ ڪري ڪم شروع ڪيو ويندو. وسيلن جو زيان ڪرڻ ھن کي چئبو آھي. انڊس ڊيلٽا جي بحالي، ۽ فلڊنگ ماسٽر پلاننگ لاءِ سنڌ حڪومت 2013ع ۾ ريجنل ماسٽر پلان ٺھرايو ھو، جنھن تي 7 ملين ڏالر خرچ ٿيو ھو ۽ ھر پروپوزل جي مڪمل فزيبلٽي رپورٽ، ريسيٽلمنٽ ايڪشن پلان، ۽ بڊنگ ڊاڪيومنٽ تائين ٺھي ويا ھئا. ھن کان پھريان، 2010ع ۾ نيسپاڪ، مقامي ماڻھن سان ملي ڪري ايل بي او ڊي جي ڊيلٽائي علائقن جي بحالي جو منصوبو جوڙيو ھو. اسين وري نئين سر نئون خرچ ڪنداسين ۽ سنڌ جي ڊيلٽائي علائقن جي غريب ماڻھن جا نصيب بدلائينداسين. آھي ڪو پڇڻ وارو؟

ھاڻي اچو پاڻي واري تازي صورتحال تي. تازو ھڪڙي مشھور انگريزي اخبار ۾ پنجاب جي اريگيشن ڊپارٽمنٽ جو تونسا- گڊو وچ ۾ سنڌ جي پاڻي چوري جي الزامن تي موقف ڇپيو آھي. انھن چٽو لکيو آھي ته ارسا، ھڪڙي ٻي وفاقي اداري پي سي آر ڊبليو آر سان ملي ڪري تونسا ۽ سنڌو تي چاچڙان پل تي پاڻي جي ماپ ڪئي آھي، اتي رڳو ھڪ سيڪڙو لاس رڪارڊ ٿيو آھي. وري اھو به لکيو اٿن ته سنڌ وارا گڊو تي ماپ صحيح نه ڪندا آھن. جنھن جي ڪري دريا ۾ لاسز وڌيل ڏيکارجن ٿا. اندازو ڪريو ظلم ناھي. مون اھو خدشو پنھنجي اڳوڻي مضمون به ڏيکاريو ھو. دوست چون ٿا ته پنجاب جي بيراجن تي سنڌ جا انجنيئر ويھاريا ويندا آھن، اھي ماپ ڇو نٿا ڪن. دوستن کي عرض آھي اوھان پنجاب جي بيراجن جي ڳالھ ٿا ڪريو، اسان جو گڊو جنھن تي پاڻي سڀن کان پھريان پھچي ٿو، اتي ڪو لاڳاپيل ماڻھو رھڻ لاءِ تيار نه ھوندو آھي، سڄو اسٽاف سکر، حيدرآباد يا ڪراچي ۾ رھندو آھي ۽ سڄو بيراج ھڪڙي گيٽ آپريٽر جي حوالي ھوندو آھي. موبائل فونن تي آرڊر جاري ٿيندا آھن. گھڻو ڪري کاٻي پاسي وارن مجيرين جي ھلندي آھي. ساڄي پاسي خير. اھو آھي اسان جي سنڌڙي جو پاڻي ڪيس، اسين پاڻ ۾ وڙھي وڙھي پورا ٿيا آھيون.

مون پنھنجي مضمون ۾ به اھوئي لکيو ھو ته صوبي اندر به پاڻي ورڇ جي صورتحال گهڻي خراب ٿيل آھي. مجيرين جي واھن جي ڳالھ ٿي. ان ڳالھ جو بنياد اھو ھو، ته پاڻي جي انگ اکرن ۾ ڦير ڦار ڪري، سنڌ ۾ پاڻي ورڇ جا اندروني معاملا تمام وڌيڪ خراب ڪيا ويا آھن. ائين لگي پيو سنڌ ۾ رڳو ٻه واھ آھن، جن جو پاڻي پورو ڪرڻو آھي. باقي ڀلي رلي وڃن. اوھان کي ھڪڙو مثال ڏيان. 13 مارچ 2024 تي سنڌ آبادگار ٻورڊ جي فيسبڪ پيج تي ھڪڙي پوسٽ شيئر ٿي، جنھن ۾ فل ڀريل نارا ڪينال جو فوٽو لگل آھي، ۽ لکيل آھي ته چونڊڪي وٽ، ممتاز مائنر واري پاسي نارا ڪينال ھاڻي اٿلڻ واري آھي. مون اوڏي مھل سوشل ميڊيا تي ڳولھا ڪئي ته سکر بيراج مان نارا جا وھڪرا ڇا پيا ھلن. خبر پئي ته ويھه ھزار ڪيوسڪس واري ڪينال ۾ ست ھزار پنج سئو ڪيوسڪس پي ھليو. ھاڻي اندازو ڪريو، واھ ڀرجي پورو پيو ھلي ۽ ڪاغذن ۾ اڌ کان به گھٽ ڏيکاريو پيو وڃي. سوال اھو آھي ته ڇا سکر جي ساڄي پاسي نارٿ ويسٽ ڪينال يا دادو ڪينال وارا سنڌي ناھن، جو سڄو پاڻي نارا ۽ روھڙي ڏي موڙيو ويٺا آھيو. ھلو اگر جي ائين ڪريو به ٿا، ڇا انھن واھن جو پاڻي پوڇڙ تائين پھتو؟ حالت اھا آھي جو پاڻي سانگھڙ ۽ نوابشاھ کان ھيٺ ناھي لٿو. اوھان ٻيو ڪجھ به نه ڪريو، تازي سيٽلائٽ اميجري ڊائون لوڊ ڪري ڏسي وٺو، اسان جي دوست ڊاڪٽر الطاف سيال پنھنجي فيسبڪ پروفائل تي لڳائي آھي. رڳو گھوٽڪي فيڊر جا ھيڊ وارا علائقا ۽ نارا روھڙي جا سانگھڙ، نوابشاھ تائين جا علائقا گھاٽا ساوا لڳا پيا آھن. باقي سڄي سنڌ ۾ سوڪ آھي. افسوس ھن ڳالھ جو آھي جو اسان جي پاڻي ماھرن ۽ ادارن جي تڪنيڪي سربراھن کي احساس نٿو ٿئي.

مٿي ڏنل احوال کانپوءِ منھنجو ذاتي خيال آھي، ته پاڻي مسئلي جو حل، ان جي شفاف ۽ ڪارآمد طريقي سان پيمائش آھي، جيڪو اريگيشن ڊپارٽمنٽ جي وس جي ڳالھ ناھي. ترقي يافته ملڪن ۾ ان ڪم جي لاءِ ھڪڙا غيرجانبدار ادارا جوڙيا ويندا آھن، جن کي جديد سامان ۽ ماھرن سان مضبوط بڻايو ويندو آھي. مقامي آبپاشي جا ادارا پنھنجي مرضي سان بيراج ۽ واھن کي ھلائڻ لاءِ آزاد ھوندا آھن، پر پاڻي جي ماپ اھي غير جانبدار ادارا، عوام ۽ پاليسي ميڪرز کي پھچائيندا آھن. اھو ھڪڙي ديواني جو خواب چئي سگھجي ٿو، پر حقيقت ۾ ائين ممڪن آھي. جمھوريت ۾ ته اصل حقائق ھر ماڻھو تائين پھچندا ته حالات سڌرندا، عوام جي حالات ۾ بھتري ايندي.

جُون 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو