دادو: شهباز ڪالوني ۾ آئيس ڪريم وڪرو ڪندڙ پورهيت بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت ٿي ويو، شهباز ڪالوني ۾ آئيس ڪريم وڪرو ڪندڙ پورهيت بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان پورھيت معشوق علي پٽ منٺار چانڊيو کي بيھوشي حالت ۾ وارث کيس ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کڻي آيا ڊيوٽي ڊاڪٽر تپاس ڪري سندس فوتگي جي تصديق ڪئي نوجوان گهر ان وقت گهر جي بجلي ٺاهي رهيو جنھن وقت بجلي نه هئي

 ان وقت گهر جي بجلي جو ڪم ڪري رهيو اوچتو بجلي اچڻ  سبب بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو، قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،

جُون 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو