جيڪڏھن اسان آلودگي کي ختم نہ ڪري سگھياسين تہ آلودگي اسان ۽ اسان جي نسلن کي ختم ڪري ڇڏيندي: امانت علي جلباڻي
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي ماحوليات جي عالمي ڏينھن جي حوالي سنڌ جي ماڻھن ۽ خصوصي طور تي شاگردن کي پنھنجي پيغام ذريعي اھا آگاھي ڏني آھي
ته اھي سنڌ جي ماحولياتي معاملن تي ڌيان ڏين. وڌ کان وڌ وڻ پوکين ۽ دنيا ۾ معيشت ۽ سماج جي تيز ترقي، توانائي جي بچت ۽ اخراج ۾ گهٽتائي جو تصور کي اپنائين. ھن وڌيڪ چيو آھي تہ جيڪڏھن اسان آلودگي کي ختم نہ ڪري سگھياسين تہ آلودگي اسان ۽ اسان جي نسلن کي ختم ڪري ڇڏيندي.
جُون 5, 2024