ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي چيئرمين جي صدارت ھيٺ اجلاس ٿي گذريو

Spread the love

ڪراچي (قاضي اعجاز) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ عيدالاضحيٰ جي سلسلي ۾ گڏاپ ٽائون آفيس ۾ آفيسرن سان گڏجاڻي ڪندي چيو ته اجلاس ۾ عيدالاضحيٰ جي انتظامن جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وئي آھي. جنهن ۾ ڪليڪشن پوائنٽس، هرھڪ يو سي ۾ ڊمپنگ پوائنٽ قائم ڪرڻ، سوزوڪين وسيلي قرباني جي جانورن جو گند، ڪچرو کنيو ويندو ۽ سمورين يوسيز ۾ شڪايتي مرڪز قائم ڪيا ويندا

۽ ان کان سواءِ صفائي، سٿرائي جي حوالي سان چوني ڇڙڪائڻ، جراثيم مار دوائن جو اسپري وغيرھھ ڪرڻ شامل آھن، عيد کان اڳ سمورين مشينن جي مينٽيننس کي يقيني بڻايو ويندو تھ جيئن عيد الاضحيٰ  جي ڏھاڙن ۾ ڪابھ رڪاوٽ سامھون نھ اچي، سمورن ملازمن کي سندن ڊيوٽين لاءِ پابند ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ ڪابھ ڪوتاھي برداشت نھ ڪئي ويندي.

چيئرمين طارق عزيز بلوچ چيو تھ گڏاپ ٽائون جو عوام ھر سال خوشي وارن مختلف ڏينھن کي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھائيندو آھي، اسان کي بھ عيد جي پر مسرت موقعي تي پنھنجن روين کي تبديل ڪرڻو پوندو تھ جيئن ھي عيد ملڪ جي سڀ کان وڏي شاندار، صاف، سٿري ۽ خوشين سان ڀرپور عيد ملھائڻ وارين خوشين ۾ غريبن، محتاجن ۽ ضرورتمندن جو پڻ خيال رکڻ گھرجي.

وائس چيئرمين ڄام محمد جوکيو چيو تھ عيد الاضحيٰ جي انتظامن ۾ گڏاپ ٽائون جي عوام کي سموريون سھولتون مھيا ڪيون وينديون، سمورين يوسيز جا ميمبر مون سميت شڪايتي مرڪز تي موجود رھندا. ان موقعي تي ٽائون ميونسپل ڪمشنر احمد يار، پارلياماني ليڊر مير عباس، ڪائونسل ميمبر مرتضيٰ يار محمد بلوچ، ڪائونسل ميمبر عيسيٰ بلوچ، ڪائونسل ميمبر ثمينھ زرداري، ميمبر مھر النساءِ بلوچ، ماليات آفيسر افتخار احمد دايو، انچارج اينٽي انڪروچمينٽ سيل سھيل يار خان، سپرينٽينڊنٽ انجينئر فرمان علي لاشاري، پي ايس ٽو چيئرمين لال جان نبي  سميت علائقي جا معززين پڻ موجود ھئا.

جُون 4, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو