سڪرنڊ: زرعي شماري 2024 جي سلسلي ۾ شھريار گل ميمڻ جي صدارت ھيٺ اجلاس منعقد

Spread the love

سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ جي صدارت ھيٺ ستين زرعي شماري 2024 جي سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ھڪ اجلاس ڊي سي آفيس جي درٻار ھال ۾ ٿي گذريو

ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شھريار گل ميمڻ چيو ته سموري ملڪ جيان ضلع شھيد بينظيرآباد ۾ پڻ آگسٽ کان شروع ٿيندڙ  ستين ڊيجيٽل زرعي شماري 2024 کي ڪامياب بنائڻ، درست معلومات ۽ انگ اکر حاصل ڪرڻ لاءِ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ کاتا پنھنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻين تہ جئين ضلع ۾ بھتر نموني زرعي شماري ڪرائي سگھجي ڊپٽي ڪمشنر شماريات کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ زرعي شماري جي حوالي سان ديھن جي لسٽ لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن سان شيئر ڪئي وڃي

 ان سلسلي م ضلع ۽ تعلقي انتظاميه پاران ھر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته زرعي شماري جي حوالي سان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آھي اجلاس کي آگاھي ڏيندي ڊويزنل ڪوآرڊينيٽر شماريات بلاول احمد ۽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر نوردين جمالي ٻڌايو ته پوري ملڪ جيان ضلع شھيد بينظيرآباد ۾ پڻ زرعي شماري دوران ڳڻپ واري عمل جو پھريون مرحلو آگسٽ کان شروع ٿي رھيو آھي

 جڏھن ته ٻيون مرحلو پھرين سيپٽمبر کان شروع ڪيو ويندو جيڪو 15 آڪٽوبر تائين جاري رھندو ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته پھرين جولائي کان 11 جولائي تائين اسلام آباد ۾ ماسٽر ٽرينرز کي تربيت ڏني ويندي

 جڏھن ته سپروائيزرن ۽ ڳڻپ واري عملي جي ٽريننگ جو عمل 22 جولاءِ کان 27 جولائي تائين نواب شاهه م منعقد ٿيندو ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته پھرين زرعي شماري 1960، زرعي مشينري شماري 1968 ۽ لائيو اسٽاڪ شماري 1976 ۾ ٿي ھئي

 ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته زرعي شماري لاءِ ضلع ۾ ٻھراڙيءَ جي سرڪل، ديھ ۽ ڳوٺن جي 9 سؤ 63 مان 70 بلاڪ چونڊيا ويا آھن جڏھن ته شھري 3 سؤ 74 بلاڪن مان 24 بلاڪ شماري لاء چونڊيا ويا آھن جن ۾ زرعي شماري ڪئي ويندي

 اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شھيد بينظيرآباد نواب سمير لغاري، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو علي شير جمالي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت محمد رمضان چنہ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر مسعود احمد سھتو، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر برڪت لاکو، ڊي ايس پي پوليس عبدالحميد جلباڻي سميت سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن شرڪت ڪئي.

جُون 4, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو