اداڪارا حرا خان ارسلان خان سان شادي جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Spread the love

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪارا حرا خان ساٿي اداڪار ارسلان خان سان شادي ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي.
حرا خان تازو ئي هڪ ويب شو ۾ بطور مهمان شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي مڙس ۽ اداڪار ارسلان خان سان پنهنجي ويجهڙائي جي باري ۾ ڳالهايو.
هن ٻڌايو ته ارسلان منهنجي زندگي ۾ انتهائي ڏکي مرحلي ۾ منهنجو ساٿ ڏنو، جنهن سبب مان جذباتي طور تي مضبوط رهيس ۽ ان لاءِ مون به کيس پارٽنر چونڊي ورتو.
اداڪارا وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن مون ارسلان سان شادي نه ڪئي هجي ها ته شايد زندگي هجي ڊگهي وقت تائين شادي نه ڪري سگهان ها.
ياد رهي ته اداڪارا حرا خان ۽ اداڪار ارسلان خان گذريل سال فيبروري ۾ شادي ڪئي هئي.

جُون 4, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو