دادو واسي پوليس اهلڪار شبير مرکنڊ پراسرار طور گم
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دادو جو رهواسي پوليس اهلڪار شبير مرکنڊ ڪجهه عرصو پراسرار طور گم ٿي ويو هو جيڪو واپس گهر پهچي ويو آهي اهڙي تصديق پوليس اهلڪار شبير مرکنڊ جي فرزند رستم مرکنڊ ڪئي آهي،
دادو واسي پوليس اهلڪار شبير مرکنڊ جيڪو پوليس کاتي ۾ ضلع ڄامشورو ۾ ڊيوٽي ڪندڙ هو اٽڪل 3 مهينا اڳ عورتاڻي آواز ۾ آيل ٽيليفون تي هرکجي اڻڄاتل ڌاڙيلن وٽ پهچي ويو ۽ ڌاڙيلن سندس بازيابي لاءِ پوليس اهلڪار جي وارثن کان ڏيڍ ڪروڙ روپيه ڀنگ طلب ڪيو هو،
جڏهن ته پوليس اهلڪار شبير مرکنڊ جي گهر ڀاتين پاران سندس بازيابي لاءِ اٽڪل 3 مهينن کان احتجاج جو سلسلو جاري رکيو هو پوليس اهلڪار ڊرامائي انداز ۾ انهن اغوا ڪارن کان نڪري پنهنجي گهر پهچي ويو آهي.
جُون 4, 2024