ڏوڪري لڳ ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي واسين پاران باڊھ پوليس جي ناجائزن خلاف احتجاجي مظاهرو

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪريءَ لڳ ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي جي ڳوٺاڻن باڊھ پوليس جي ناجائز خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. ڳوٺاڻن بشير احمد، لکمير ڪلهوڙي، محمد اسلم احسان علي زين ڪلهوڙي ۽ ٻين ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته گذريل مهيني راڌڻ روڊ تان نامعلوم چور محمد اسمائيل بروهي کان ٽريڪٽر ٽرالي ڦر ڪري فرار ٿي ويا،

 جنهن بعد پيري ڪتي جي مدد سان اسان جي ڳوٺ ٻاھران ويران جڳھ ۾ پيرو لڳرايو ويو.ھنن چيو ته باڊھ پوليس عزيز ﷲ، ثناءُ ﷲ،عبدالحفيظ ۽ شفيق الرحمان کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. جنهن بعد باڊھ پوليس  فريادي کي دٻاءُ وجهي پنجن ڏينهن کان بعد ٻن ڄڻن رحمت الله ڪلهوڙو ۽ عزيز ﷲ  ڪلهوڙي تي سڄاڻپ جي ايف آئي آر داخل. ڪري ڇڏي،

جيڪا اسان غريبن سان ناانصافي آهي.ھنن چيو ته ڳوٺاڻن ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي  درخواست ڪئي تہ اسان بي گناھ آھيون انڪوائري ڪئي وڃي جنهن انڪوائري لاءِ ڊي ايس پي ڏوڪري ڏانهن موڪليو پر ڊي ايس پي ڏوڪري جي بدلي ٿيڻ سبب باقراڻي ڊي ايس پي باڊھ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڏي موڪليو پر گذريل ھڪ مھيني کان باڊھ ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون

پر ايس ايڇ او باڊھ ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ھنن چيو ته تہ اسان سان باڊھ پوليس فريادي تي دٻاءُ وجهي ايف آئي آر داخل ڪرائي ناجائزي ڪئي آهي انڪوائري ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

جُون 3, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو