ڏوڪري: اوٺا باءِ پاس وٽان روڊ حادثو،  6 ورهين جي عائشہ چوهاڻ فوت

Spread the love

ڏوڪري ( رپورٽر) اوٺا باءِ پاس وٽان تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ نبي بخش چوهاڻ جي 6 ورهين معصوم نياڻي عائشہ چوهاڻ فوت ٿي وئي آهي، فوتي نينگري جو مڙھ ڏوڪري اسپتال آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

 هوڏانهن فوتي نينگري جي پي محمد موسي چوهاڻ اوٺا باس وٽان ڳوٺ نبي بخش چوهاڻ گهر جي ڀرسان روڊ ڀرسان بيٺي هئي ته تيز رفتار ڪار جي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 6 ورهين جي معصوم نياڻي عائشہ چوهاڻ فوت ٿي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪار ڊرائيور ٽڪر هڻي فرار ٿي ويو آهي.

جُون 3, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو