دادو لڳ ڀيڻ، ڀاءُ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ دادو پريس ڪلب احتجاجي مظاهرو

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو لڳ ڳوٺ پارو جو کوھ جي رهواسين ڀيڻ، ڀاءُ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ دادو پريس ڪلب آڏو نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري جوابدارن ۽خداآباد پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، مظاهرين عبداللہ عرف محرم چانڊيو، مظهر، ڪاشف ،نثار احمد، بھاول چانڊيو ۽ دانھيو ته 4 سال اڳ اسان جي نياڻي ڪزبانو جو رشتو دودو پٽ بادل چانڊيو لاءِ گهريو هو

اسان جي انڪار تي جوابدار غلام مصطفي، قاسم، شھباز، رضا محمد چانڊيا گھر ۾ گهڙي ڪهاڙين جا وار ڪري ناري ڪزبانو ڌيءَ عبدالله چانڊيو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا جنهنجي قتل جو ڪيس گناهه نمبر 107/2020 خداآباد ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن تي داخل ڪيو ويو ھيو، پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا، ٻيھر ساڳين جوابدارن مقتولا ڪزبانو جي نوجوان ڀاءُ شهزادو چانڊيو کي 24 مئي تي 10 ڏينهن اڳ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو،

جنهن جو ڪيس پڻ گناھ نمبر 38/2024 تحت خداآباد ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي، هنن چيو ته جوابدار ڪوڙيون خبرون هلرائي رهيا آهن ته اسان سندن گهرن تي قبضو ڪيو آهي، قتل واقعي واري ڏينهن ڳوٺ ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آهي،

جوابدار گھر خالي ڪري ويا آهن، بااثر ۽ ڏوهاري آهن اسان کي خدشو آهي ته هو وري اسان کي جاني مالي نقصان رسائيندا، مظاهرين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سيشن جج دادو، آء جي سنڌ ،ڊي آء جي حيدرآباد ،ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو آهي ته بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي،

جُون 3, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو