دادو: سنڌ صحافي اتحاد جي مرڪزي سڏ تي پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪڍي وئي
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) سنڌ صحافي اتحاد جي مرڪزي سڏ تي دادو ۾ سوين قلم ڌڻين، شهرين، واپارين،ادبي سنگت،شهري ايڪشن ڪاميٽي، تحريڪ انصاف، تحريڪ لبيڪ ، پريه ڪماري ايڪشن ڪاميٽي، سي آر سي،عوامي سوشل فورم سميت ٻين تنظيمن پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي دادو پريس ڪلب کان پيادل مارچ ڪري شهر جي مک ڪچهري روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي،
سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي صحافين رضوان منگي،سرور جلال سولنگي،علي گل چنه،فتاح شيخ، سخي سردار چارڻ، الله بخش خشڪ، نديم شاهاڻي، گلشير سولنگي، جاويد لغاري،رفيق چنه،مختيار سومرو،راحيل راجپوت،محرم شينو، آصف سومرو،ايڇ يو جي جي ولي محمد لنڊ، ممتاز ڀنڊ، شهري ايڪشن ڪاميٽي جي ڊاڪٽر جبار ٻٻر،عوامي سوشل فورم جي مجيب پنهور،پريه ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جي اعجاز ملڪاڻي، منصور پنهور،دادو انجمن تاجران جي محمد امين جمالي،غلام نبي لغاري، سي آر سي جي نياز چانڊيو، دانش خشڪ، پيراميديڪل اسٽاف جي راجا رفيق پنهور،سنڌي ادبي سنگت جي رجب آزاد سولنگي، تحريڪ لبيڪ جي ظهير قادري، تحريڪ انصاف جي ظهير چانڊيو، ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اندر ڀوتارڪي، سرداري نظام سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي،
18 مهينن کان مٿي عرصو گذرڻ باوجود سنڌ جي نياڻي بازياب نه ٿي سگهي آهي، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي،حق سچ لکڻ تان سنڌ جي ٻن قلم ڌڻين کي بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو،شهيد نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر کي صرف مظلومن جو آواز بلند ڪرڻ تان گوليون هڻي سندن آواز کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پر سندن قاتلن جي ڀل آهي ته هو جان محمد مهر ۽ نصرالله گڏاڻي جو آواز بند نه ڪري سگهيا
هاڻ پوري سنڌ جا صحافي ۽ڪروڙين سنڌي جان محمد مهر ۽ نصرالله گڏاڻي آهن،پوري سنڌ ۾ سرداري، ڀوتارڪي،وڏيري مير، پير جو نظام آئڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،پر سنڌ جو شعور ڪنهن به صورت ۾ سنڌ اندر ڀوتارڪي، سرداري، ڪلچر کي قبول نه ڪندو،سنڌ پوليس مڪمل طور ڀوتارن سردارن جي ونگاري بڻجي وئي آهي،
سنڌ جي نياڻي تي جوڙيل جي آء ٽي به ناڪام ٿي وئي آهي، هن مهل به پريه ڪماري جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي،سنڌ جو عوام هاڻ ڪنهن به صورت ۾ نصرالله گڏاڻي،جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري تائين چپ ڪري نه ويهندو هاڻ سنڌ جو قلم ڌڻي پنهنجي شهيد صحافين جي خون جو انصاف نه ٿيڻ تائين روڊن رستن تي هوندو،
هي ظلم جو نظام هاڻ نه هلندو،پريه ڪماري جي بازيابي لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي سنڌ جي نياڻي کي اغوا ڪندڙ ٽولن کي گرفتار ڪري سنڌ جي نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي،
مظاهرين چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور شهيد صحافي جان محمد مهر،نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري سنڌ جي قلم ڌڻين مان بيچيني دور ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڪراچي طرف سنڌ جا هزارين قلم ڌڻي،سياسي سماجي اڳواڻ رخ ڪندا ۽ پنهنجي مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکندا ،
جُون 2, 2024