ڏوڪري : زرعي زمين تي بااثرن جي قبضي ۽ ڌمڪين سبب صدمي ۾ صحافي جو والد فوت

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) زرعي زمين تي بااثرن جي قبضي ۽ ڌمڪين سبب صدمي ۾ صحافي جو والد فوت،  صحافي نور نبي منگي طرفان مرحوم والد ڊاڪٽر غلام نبي منگي جو لاش پريس ڪلب اڳيان رکي احتجاج،

نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل مطابق ڏوڪري پريس ڪلب جي سينيئر صحافي ۽ سوشل ميڊيا ايڪٽوٽس نور نبي منگي جي رحماني ننگر سيتا ۾ موروثي زرعي زمين تي چانڊيا برادري جي بااثرن طرفان قبضي ۽ ملندڙ موتمار ڌمڪين سبب سندس والد صدمي ۾ فوت ٿي ويو، جنھن بعد صحافي طرفان پريس ڪلب اڳيان پنھنجي والد ڊاڪٽر غلام نبي منگي جو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي دانهيندي صحافي نور نبي منگي چيو ته گذريل ڪجھ سالن کان رحماني ننگر ۾ موجود زرعي زمين تي چانڊيا برادري جي بااثرن ھٿيارن جي زور تي قبضو ڪري گھر مان چوريون ڪرائيندي اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون،

جنھن سبب خاندان جي سلامتي خاطر گھر ۽ زمينون ڇڏي ڏوڪري واپس موٽي آياسين. ھن چيو ته دادو ضلعي انتظاميا کي شڪايتن باوجود ڪوبه تدارڪ نه ڪيو ويو، جنھن سبب قبضو ڪندڙ جوابدار ڌر الٽو نقصان پھچائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ ڪري منھنجي والدہ ڊپريشن سبب فوت ٿي وئي،

جڏھن ته والد دماغي توازن وڃائي ويٺو ۽ پريشاني سبب فوت ٿي ويو،

جُون 2, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو