ملير : شهيد حاجي غلام مرتضيٰ بلوچ جي چوٿين ورسي گڏاپ فقير محمد واڍيلو ڳوٺ ۾ ملهائي وئي

Spread the love

ملير (رپورٽ قادر درس ) ڪراچي ملير اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ملير جي ضلعي صدر شهيد حاجي غلام مرتضيٰ بلوچ جي چوٿين ورسي گڏاپ فقير محمد واڍيلو ڳوٺ ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي صوبائي قيادت سميت ملير جي اڳواڻن ۽ ھزارن جي تعداد ۾ سندس چاهيندڙن ۽ڪارڪنن شرڪت ڪئي

ان موقعي تي پيپلزپارٽي چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري جو خاص پيغام پڙهي ٻڌايو ويو جنهن ۾ چيو ويو ته غلام مرتضيٰ بلوچ ڪرونا وائرس جي وبا  وقت عوامي خدمت کي جاري رکيو هو پارٽي جو وفادار هو جنهن ڪرونا وائرس جي پرواھ نه ڪئي

۽ شھادت ماڻي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته مرتضيٰ بلوچ ملير سميت سڄي سنڌ ۾ عوامي خدمت ڪئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي اڳتي وڌايو چوٿين ورسي  تقريب ۾ مفتي محمد جان نعيمي حاجي محمد انور بلوچ صوبائي وزير سعيد غني سينيٽر وقار مهدي ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو ايم پي اي ساجد جوکيو، ڊپٽي ميئر ڪراچي ضلعي صدر سلمان مراد بلوچ ، صوبائي وزير ايم پي اي شاهينه بلوچ،

 ميزبان ايم پي اي يوسف مرتضي بلوچ ايم پي اي راجا رزاق بلوچ ايم پي اي هالار منظور وساڻ قمر جان بلوچ سليمان ميمڻ بئريسٽر ضمير گهمرو مارڪيٽ ڪميٽي چيئرمين علي زمان جوکيو وائيس چيئرمين مرتضي يار محمد بلوچ چيئرمين ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگھو پير حاجي نواز علي بروهي عوامي پريس ڪلب ملير جي جنرل سيڪريٽري عبدالقادر درس چيئرمين ميونسپل ڪارپوريشن ملير جان محمد بلوچ نواز ليگ اڳواڻ پير حفيظ الله جان سرهندي سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي ورسي تقريب ۾ خصوصي دعا خير گهري ويئي

۽ اڳواڻن غلام مرتضيٰ بلوچ کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو عوامي ماڻهو هو هن نياز نوڙت عاجزي سان عوام جي خدمت ڪئي کيس پارٽي جي طرفان جڏهن به ڪا ذميداري ڏني وئي

ته هن اها ڀرپور نموني سان ادا ڪئي شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ ملير سميت سنڌ جي عوام جي خدمت ڪئي کيس خراج تحسين پيش ڪيون ٿا ياد رهي ته غلام مرتضيٰ بلوچ ڪرونا وائرس جي وبا دوران ضلعي ملير جي فوڪل پرسن طور ذميداريون ادا نڀائيندي 2 جون 2020 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.

جُون 2, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو