راڻيپور ۾به انڊر پاس ٺھرائي انسان جانيون بچايون وڃن: اڪبرشاھاڻي ۽ ٻيا
راڻيپور (رپورٽ: سعيداحمدسھتو ) قومي شاھراھ تي روڊ حادثا معمول بڻجي ويا ڪيتريون ئي انساني قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ لڳيون شھرين سياسي سماجي اڳواڻن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو وفاقي حڪومت کان انڊر پاس ٺاھڻ جو مطالبو
رپورٽ موجبراڻيپور شھر وٽان قومي شاھراھ موت جي شاھراھ بڻجي ويو روڊ جي ڪراسنگ نه ھجڻ سبب روڊ حادثا معمول بڻجي ويا شھرين پاران اڪبرشاھاڻي ميان فدا حسين پيرزاده ڪلاٿ مرچنٽ جي صدر جميل گھانگھرو موبائل ڪميونيڪيشن صدر اسد وساڻ صرافه بازار جي مشتاق صديقي ھمير ميمڻ ڪائونسلر مڪيش ڪمار حاجي رياضت ملاح منظور انصاري نصير راڄپر بھادر کوکر گل محمد پٺاڻ عبدالشڪور وساڻ فھيم ڏھر نياز مومن ڄامڙو سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته راڻيپور شھر معاشي حوالي سان خيرپور ضلعي جو اھم شھر آھي
ھنن چيو ته جي سمورن شھرن توڙي ٻھراڙي جا ماڻھو مرد عورتون ٻارڙا راڻيپور شھر اچن ٿا شھر جي وچ ۾ قومي شاھراھ ھجڻ سبب روڊ ڪراس ڪرڻ سخت مشڪل بڻجي ويو آھي جنھن سبب قومي شاھراھ تي روڊ حادثا معمول بڻجي ويا آھن روڊ حادثن سبب ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي ويون آھن ھنن وڌيڪ چيو ته شھر جي وچ دستگير گيٽ وٽان انڊر پاس ٺاھيو وڃي ته جيئن شھر جي ٻنھي پاسن کان ماڻھو آساني سان اچ وڃ ڪري سگھن .
ھنن وزير اعظم پاڪستان وفاقي حڪومت ۽ چونڊيل نمائيندن ايم اين اي سيد فضل شاھ ايم اين اي سيد جاويد شاھ سينيٽر سيد ڪاظم شاھ کان مطالبو ڪيو ته جيئن حيدر آباد واڌو واھ وٽان انڊر پاس ٺھيل آھي ائين ئي راڻيپور۾به انڊر پاس ٺھرائي انسان جانيون بچايون وڃن ۽شھرين کي مشڪلات مان ڪڍيو وڃي .
جُون 2, 2024