ڏوڪري: جان محمد مهر، شهيد نصرﷲ گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) شهيد جان محمد مهر، شهيد نصرﷲ گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي قاضي فريد جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شهيد جان محمد مهر، شهيد نصرﷲ گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڏوڪري ۾  سنڌي ادبي سنگت، سياسي سماجي، سول سوسائٽي ۽  صحافي قاضي فريد، علي اصغر ميمڻ، نديم ميمڻ، زبير زار منگي، مختيار انڙ، ربنواز کوسو، محمد قاسم ٻگهيو، سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جي اڳواڻ اقرار پيرزادو، اطهر ميمڻ، وحيد رمضان جوڻيجو، عابد جتوئي، قاضي احسن علي، خالد هليو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو آهي.

ان موقعي تي صحافين جو چوڻ آهي ته ملڪ صحافين لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو پيو وڃي، هن ملڪ م صحافي غيرمحفوظ بڻيل آهن، 10 مهينا اڳ سکر ۾ شهيد جان محمد مهر کي شهيد ڪيو ويو هو،

سنڌ حڪومت 10 مهينا گذرڻ باوجود به شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ناهي ڪري سگهي. هنن چيو ته 10 مهينن کان بعد شهيد نصرﷲ گڏاڻي کي سماج دشمن سرعام گوليون هڻي شهيد ڪيو.  هن وڌيڪ چيو ته شهيد جان محمد مهر، شهيد نصرﷲ گڏاڻي بهادر صحافي هئا

هن وقت تائين شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد نصرﷲ گڏاڻي جا قاتل گرفتار ڪيا ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير شهيد جان محمد مهر، شهيد نصرﷲ گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري شهيدن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

جُون 1, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو