منھنجو مڙس مون مٿان بدڪاري جا ڪوڙا الزام ھڻي تشدد جو نشانو بڻائي رھيو آھي: مسمات روبينا راڌڻ
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري جي بٺ شاخ محلي واسڻ مسمات دانهيندي چيو آھي ته منھنجو مڙس امير علي سونارو مون مٿان غلط الزام ھڻندي تشدد جو نشانو بڻائيندي مونکي پنهنجي گھر مان ڪڍي گھر تي قبضو ڪيو آھي.
ڏوڪري پريس ڪلب ۾ مسمات روبينا راڌڻ پنھنجي معصوم پٽ عاشر علي سونارو سان گڏجي دانهيندي چيو ته منھنجو مڙس ھوٽل تي بيراگيري ڪندو آھي، جنھن مون کي شادي ۾ ڏنل سونا زيور ۽ ٻيو سامان کپائي ڇڏيو، جنھن بعد مون مٿان بدڪاري جا ڪوڙا الزام ھڻي تشدد جو نشانو بڻائي رھيو آھي،
جيڪو سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي. ھن الزام ھڻندي چيو تہ مان پنھنجي مالڪن طرفان ڏنل سونا زيور کپائي بٺ شاخ تي پنھنجي جڳھ ورتي آھي، جنھن تي منھنجي مڙس قبضو ڪري ٻين ماڻھن کي مسواڙ تي ويھاري ڇڏيو آهي.
ھن ڊي آء جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي مونکي انصاف فراهم ڪيو وڃي هوڏانهن امير علي جو چوڻ هو ته الزام اجايا آهن مون پهرين به پنهنجي گهر واري ۽ سندس جي ڀائرن خلاف احتجاج ڪيو هو ته مون جي مٿان ڪوڙا الزام هڻي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي آهن ئي منهنجي گهر جو سمورو سامان کڻي وئي هئي.
جُون 1, 2024