ٽنڊوڄام: بوائز پرائمري بھاول زئور ۾ سالانہ رزلٽ جي تقريب ٿي گذري
ٽنڊوڄام (رپورٽ: واجد علي چانڊيو) گورنمينٽ بوائز پرائمري بھاول زئور ۾ سالانہ رزلٽ جي تقريب ٿي گذري. جنھن ۾ خصوصي طور مھمان خاص سائين اقبال احمد جمالي ٽي اي او تعلقہ حيدرآباد، پي ٽي الف ضلعي حيدرآباد جي صدر سائين علي احمد مڱڻ صاحب يونس خاصخيلي اڳوڻو صدر پ ٽ الف تعلقو حيدرآباد، ھ م شفيق الرحمان فوڪل پرسن بيٽ ٽنڊو حيدر سائين نريش صاحب ھيڊ ماستر لوئر سيڪنڊري سائين موھن ڪمار صاحب نثار پھوڙ وقار حسن مظفر شاهه جان محمد شبير زئونر محب علي سجاول جانجھنجو نويد نظاماڻي محسن نظاماڻي وھاب نظاماڻي شرڪت ڪئي، جنھن ۾ اسڪول جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين پاران ٽيبلو ۽ تقريرون ڪيون آخر ۾ نمايان پوزيشن کڻندڙ ٻارن ۾ انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ورھايا ويا،
آيل مھمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا،انھي موقعي تي استادن سنڌ جي تعليم بابت ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي روشني سان ئي شعور جڙيل آھي والدين پنھنجي ٻارن کي وڌ کان وڌ اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرائڻ جو پابند ڪن دنيا ۾ تعليم طرف گامزن قومون ئي ترقي پزير بڻيل آھن نوجوان تعليم سان ئي ملڪ قوم ۽ والدين جو نالو روشن ڪري سگھن ٿا اڳ جي ڀيٽ ھاڻي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو نظام تمام بھتر ٿي چڪو آھي.
جُون 1, 2024