ملير : ايس ايس پي ڪاشف عباسي جي اسٽيل ٽائون ٿاڻي ۾ عوام سان کلي ڪچهري

Spread the love

ملير (ڊر ) ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي جي اسٽيل ٽائون ٿاڻي ۾ عوام سان کلي ڪچهري، عوام پاران ايس ايس ملير جي سامهون شڪايتن جا ڍير، ايس ايس ملير پاران مسئلن جي فوري حل لاءِ آفيسرن کي سخت هدايت تفصيل موجب ڪالھ اسٽيل ٽائون ٿاڻي ۾ ایس ايس پي ملير ڪاشف عباسي پاران عوامي لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن جي ترت حل لاءِ کلي ڪچهري رکي وئي

 ان موقعي تي ايس ڊي او اسٽيل ٽائون ۽ بن قاسم نعيم ڀٽي، ايس ايچ او اسٽيل ٽائون غلام حسين پيرزادو ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا قائم کلي ڪچهري ۾ عوام  ايس ايس ملير جي سامهون شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا ۽ ٿاڻين جي عملدارن جي روين خلاف سوال اٿاريا جن جي فوري ازالي لاءِ ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي آفيسرن کي سخت هدايت ڪندي چيو ته هر ٿاڻي تي آيل  شهري کي مان ڏنو وڃي

 ۽ ان جي مسئلي کي سنجيدگي سان ٻڌي حل ڪيو وڃي ملير ۾ وڌنڌڙ ڏوهن جي حوالي سان ايس پي ملير حڪم جاري ڪيو ته علائقي ۾ پوليس گشت کي وڌائي ۽ موثر بڻائي منشيات جي روڪٿام ۽ اسٽريٽ ڪرائيم تي قابو پائي شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ايس ايس ملير جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهرين جي جان و مال جو تحفظ اسان جي پھرين ترجيح آهي

 اگر ڪنهن به شهري کي ٿاڻي جي عملدارن کان ڪا شڪايت هجي ته هو 11 وڳي کان 2 وڳي تائين منهنجي دفتر اچي ملاقات ڪري ان جو مسئلو ڦورن حل ڪيو ويندو ۽ عوامي شڪايتن جو ازالو نه ڪندڙن عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي

ايس ايس پي ملير اهو به انڪشاف ڪيو ته ڪجهه پوليس عملدار ۽ ملير جا صحافي به مجرمانه سرگرمين توڙي منشيات سپلائي ۾ شامل آهن جن جي خلاف ثبوتن سان گڏ ڪاروائي ڪئي ويندي. هن ملير جي ماڻهن ۽ صحافين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

جُون 1, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو