بخشاپور ويجهو بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٽن نينگرن سميت چار ڄڻا مارجي ويا

Spread the love

بخشاپور ( ويب ڊيسڪ ) بخشاپور ويجهو بنگوار برادري ۾ جهيڙي دوران ٽن نينگرن سميت چار ڄڻا مارجي ويا
انڊس هاءِ وي ڇڻڪو اسٽاپ وٽ بنگوار برادري ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ ۾ ٽن نينگرن سميت چار ڄڻا مارجي ويا
مارجي ويلن ۾ 36 ورھين جو غلام شبير بنگوار، 9 ورھين جو شھزاد ، 11 ورھين جو ماجد ۽ 13 ورھين جو مزمل شامل آهن
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جالاش کڻائي اسپتال پهچايا، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويندا
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ٻنھي ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي ۽ واقعي جي جاچ جاري آهي،
پوليس موجب، ٻنھي ڌرين ۾ خير ٿيو ھو ۽ ھاڻي ھڪ ڌر فيصلي جي نه مڃيندي اڳرائي ڪئي آهي.

مَي 31, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو