نواب شاھ : ڊاڪٽر گل امير سنبل پاران پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي هول سيل دڪانن جو دورو
نواب شاھ ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) سيپا شھيد بينظير آباد جي ٽيم پاران پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي هول سيلرز ۽ پرچون جي دڪانن جو دورو تفصيل موجب صوبائي وزير ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي دوست محمد راھمون،
سيڪريٽري ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي نبيلا عمر، ڊائريڪٽر جنرل ادارہ تحفظ ماحولیات ﺳﻨﮅ نعيم احمد مغل جي هدايتن تي سيپا شهيد بينظيرآباد جي ريجنل انچارج ڊاڪٽر گل امير سنبل پنھنجي ٽيم سان گڏجي نوابشاهه شهر ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي هول سيل دڪانن جو دورو ڪيو.
ان موقعي تي ريجنل انچارج سيپا ڊاڪٽر گل امير سنبل چيو ته شھر جي دوري دوران اھا ڳالھ سامھون آئي آھي ته اڪثر دڪاندار اڃا تائين پابندي مڙهيل پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي خريداري ۽ وڪرو ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ SEPA ٽيم کين سختي سان هدايت ڪئي ته هن سرگرمي کي روڪيو وڃي
۽ متبادل بايو ڊي گريڊبل پلاسٽڪ بيگز استعمال ڪيو وڃي.سيپا ٽيم پاران دڪاندارن کي چيو ويو تہ ماحولياتي قانونن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.
مَي 30, 2024